سون ورنيون دليون

سون ورنيون دليون

سون ورنيون دليون

سون ورنيون دليون (ڪتاب): هي ڪتاب I.Edhor جي لکيل انگريزي ڪتاب ‘Hearts of Gold’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري عالم ۽ اديب لالچند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جو ترجمو ڪيل آهي. ڪتاب ۾ ’ٻه لفظ‘ محمد ابراهيم جويي جا لکيل آهن، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب جي آکاڻي، گفتگو جو انداز، جذبات نگاري وغيره سڀ نهايت ڪامياب ۽ موهيندڙ آهي“.
پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب 254 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1956ع، ٻيو ڇاپو 1972ع، ٽيون ڇاپو 1979ع ۽ چوٿون ڇاپو 1992ع ڌاري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد شايع ڪيو. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي.


لفظ سون ورنيون دليونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو